ضلعو راڳ

ضلعو (راڳ): هي ڪلاسيڪل راڳن ۾ شڌ راڳ ليکجي ٿو. جيئن لوڙائو، راڻو، مانجهه يا ڪوهياري. انهن راڳن جا مختلف چالا به موجود آهن.
آروهي: سا را گا ما پا ڌا ني سا
امروهي: سا ني نا ڌا پا ما گا را سا
هن راڳ ۾ رکب ڪومل (را) گنڌار ڪومل (گا) مڌم شُڌ (ما) پنچم اچُل (پا) ڌا ڪومل (ڌا) ني ڪومل (نا) ني تيور (ني) جا سُر پيدا ٿين ٿا. هن راڳ جي سُرن کي غور سان ڏسبو ته هن ۾ استعمال ٿيندڙ سنڌي پرڪاش واري روپ جا سُر، مڌم شُڌ (ما)، ڌيوت ڪومل (ڌا) ۽ ني تيور (ني) موجود آهن. هن راڳ ۾ سنڌ جا اوائلي لوڪ گيت جن مان خاص ڪري ‘لوٽو مون کي آڻي ڏي’، ‘سهندو ڪير ميار’، ‘يار ڏاڍي عشق آتش لائي اي...’ وغيره. انهيءَ سان گڏوگڏ هن راڳ ۾ ٻيا به ڪيترائي قديم لوڪ موسيقيءَ جا رنگ ملن ٿا. راڳ ضلعو واري روپ ۾ ٺهڪندڙ يا مشابهت رکندڙ راڳ واري شڪلن ۾ پيلو، ديسي، شاهانه، اڙانه جهڙيون شڪليون پڻ ملن ٿيون.
راڳ ضلعو جو جنم آساوري ٺاٺ مان آهي. هونئن ته انهن سُرن واري انگ، ڪرناٽڪ موسيقيءَ کان سواءِ سيلون ۽ بنگلاديش ۾ به هن راڳ کي آلاپيو وڃي ٿو. پر سنڌ ۾ هن راڳ جو خاص طور سنڌي پرڪاش وارن انگن سان ڳايو وڃي ٿو. هن وقت هن راڳ جي استعمال واري اوسر بلڪل نه هئڻ جي برابر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو